سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي صدر حافظ عبدالحليم ميمڻ سان ملاقات

·

·

بسوا ٽيم پاران اڄ ٺيڙهي ۾ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي صدر، سنڌ آبادگار فائونڊيشن جي چيئرمين ۽ زميندار ڊيٽس فارم اينڊ پراڊڪٽس جي پروپرائيٽر حافظ عبدالحليم ميمڻ سان هڪ ميٽنگ ٿي گذري.

ميٽنگ ۾ کجور آبادگارن کي درپيش مسئلن سميت مارڪيٽ جي چئلنجز ۽ حڪومتي پاليسين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي. ان کان سواءِ مستقبل ۾ گڏيل لائحه عمل جوڙڻ ۽ گڏيل ڪاروباري موقعن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ياد رهي ته خيرپور کي “کجين جو شهر” سڏيو وڃي ٿو، جيڪو پاڪستان جي ڪل کجور جو 60 سيڪڙو ۽ سنڌ جو 90 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو. هتي ساليانو 2.5 کان 3 لک ٽن پيداوار ٿئي ٿي ۽ هتي کجور جا 300 کان وڌيڪ قسم آهن، جنهن ۾ خاص طور تي اصيل، ڪربلائڻ، ڪُپڙو شامل آهن. کجي مان سُڪل کارڪون ۽ ڇونهارا تيار ٿين ٿا. جن جي ذريعي هر سال اربين روپين جي ايڪسپورٽ ذريعي ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻو اچي ٿو



Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

×
Verified by MonsterInsights